شوپنهار آرٿر

شوپنهار آرٿر

شوپنهار آرٿر

شوپنهار آرٿر (Schopnhauer, Arthur): بين الاقوامي شهرت يافته جرمن فلسفي شوپنهار آرٿر، 22 فيبروري 1788ع تي الهندي جرمنيءَ جي شهر ڊانسڪ (Danzig) ۾ جنم ورتو. هيءُ پنجن ورهين جو ٿيو ته سندس والد ‘وازنگ’ شهر مان لڏي ‘هئمبرگ’ ۾ اچي ترسيو. ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾1793ع ڌاري ‘وازنگ’ تي ‘پولينڊ ’ قبضو ڪري ورتو. هن پنهنجي والد وانگر ننڍپڻ ۾ ئي واپار ڪرڻ شروع ڪيو. هن ستت ئي واپار ڪرڻ ڇڏي ڏنو، پر سندس ذهن تي ذهني حقيقت پسندي، ماڻهن بابت ڄاڻ، دنيا بابت لڪل شعور اجاگر ٿيو. 1831ع ۾ برلن ۾ ڪالرا جي وبا پکڙي ته هيءُ ‘فرنيڪفرٽ’ هليو ويو. ‘هيگل’ سندس ويجھو دوست هو. آخري عمر ۾ هن پنهنجي والد جو ڪاروبار سنڀاليو. هن جرمنيءَ جي ادارتي عالمن تي شديد تنقيد ڪئي. سندس ڪتابن ۾ هيٺيان مشهور آهن:
1. The Art of being Right (1831)
2. On the Basis of Morality (1840)
3. On the Fourfold Root of the Principle of Sufficient Reason (1813)
4. On the Feedom of the Wall (1839)
5. On vision and Colors (1816)
6. Parerga and Paralipomena (1851)
7. The World as Will and Representation (1818-19)
هن 21 سيپٽمبر 1860ع تي فرينڪ فرٽ (Frankfurt)، جرمنيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1788.02.22  عيسوي

بين الاقوامي شهرت يافته جرمن فلسفي شوپنهار آرٿر، 22 فيبروري 1788ع تي الهندي جرمنيءَ جي شهر ڊانسڪ (Danzig) ۾ جنم ورتو.


1860.09.21  عيسوي

شوپنهار آرٿر 21 سيپٽمبر 1860ع تي فرينڪ فرٽ (Frankfurt)، جرمنيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سرائي محمد علي خاصخيلي
ضياء محي الدين
ترين شوڪت
شاڪر عباس سمراٽ
عبدالستار ڀٽي
پرمانند کتري
قمر ڪوهستاني
خالد وسير
شيرين عبادي
ڀڳوان ڪپور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون